غزل

سادگي تهنجي  مٿان هي  جان  واري مان ڇڏيان
پيار  جا  پنڇي  سڄا  توڏي   اڏاري  مان ڇڏيان

نيڻ  نيڻن   سان  ملائي   مرڪ  جيڪا   تو  ڏني
پيار جي پهرين نشاني ڪيئن وساري مان ڇڏيان

روح  کي  راحت  ملي  ٿي  ياد  توکي  ٿو  ڪيان
زندگي  هي  ياد  تنهنجي  ۾  گذاري  مان  ڇڏيان

جي اچين منهنجي اڱڻ مهڪي پوي جيون سڄو
گهر گهٽي ۽ ڳوٺ سارو هي  سنواري مان ڇڏيان

گيت  تنهنجي  نانء  جا زخمي لکان ٿو  مان پيو
ديپ  تنهنجي نانء  جا ٿو  يار ٻاري  مان ڇڏيان۔
ضمير احمد ۔۔۔۔۔۔۔!!!!!!!



طرحي غزل

صاحب طرح: سائين سڪندر علي ڪلوڙ صاحب
طرح  :   ”هلي آ اسان وٽ وفائن جا والي“

پرين ڏس ته موسم آ ڪيڏي  جهڙالي
خوشي آ  اسان جي  ته  ساري خيالي

کلون   ٿا    ملون    ٿا    اڌورا   اڌورا
اڃا    زندگي   آ    اسان   جي   نرالي

ڪري گل نڇاور ڇڏيا  هِن اسان  هت
”هلي  آ  اسان  وٽ  وفائن  جا  والي“

خوابن  خيالن  ۾   هيڪر   ملي   وڃ
پرين هڪ نظر  جا اسان هون سوالي

ملڻ  پاڻ ايندو  پرين  جي  چوان ٿو
سڏي  لوڪ   سارو   پيو   ٿو  حوالي

ملي روح  کي  آ  نه  راحت  مٺا  ڪا
ٻڌايو   اسان   کي  هلي   ڪا  قوالي

نشو ڪو نه  ٻيو ٿا ڪيون پاڻ سهڻا
اسان ديد  تنهنجي  لئي  هون موالي

ملي راھ ويندي اسان کي به”زخمي“
خدا جي  آهي ذات  هڪڙي  جمالي۔

ضمير احمد ۔۔۔۔۔۔۔۔!!!!!!!!!!!

Comments

Post a Comment

Popular posts from this blog