غزل
ٻڌايو ڪي مٺيون ٻوليون
هلي در پيار جا کوليون
اجايو عام رستن تي
پيا ٿا روح کي روليون
اڃا منزل ملي ناهي
اڃا منزل پيا ڳوليون
لڪائي ٿو خدا جيڪي
اجايو راز ڇو کوليون
مرن بي ڏوه ٿا ماڻهون
هلن ٿيون عام هت گوليون
اڏامي ويا پکي پيارا
نه ٿيون ٻڌجن مٺيون ٻوليون
وري آڻيون ڪٿا جوڌا
نظر آيون ٽٽل ٽوليون
اکين مان نير هليا پئي
هيون ڄڻ سمنڊ جون ڇوليون
اڪيلي سر آهن مارو
خدا تن جون ڀري جهوليون
وئي نفرت وڌي ”زخمي“
خوشين جون ٿيون ختم هوليون
ضمير احمد ۔۔۔۔۔۔۔!!!!!!
غزل
زندگي کي ڪو جيارو ڏي نٿو
دل چري کي ڪو سهارو ڏي نٿو
ديپ سارا پيار وارا ڪو کڻي
چاندني وارو نظارو ڏي نٿو
آب اکڙين ۾ لڪايان مان ڪيئين
پل خوشي جو ڪو اڌارو ڏي نٿو
ٿي نئي برسات ڪا ئي پيار جي
پيار دل سان ڪو به پيارو ڏي نٿو
بک وگهي مارو مرن ٿا ٿر ۾ پيا
آسرو تن کي ڀلارو ڏي نٿو
پيو ڌڪاري هي جهاں سارو اڃا
سمنڊ سورن جو ڪنارو ڏي نٿو
منتظر آ ديد تنهنجي جو پرين
تو ملڻ جو ڪو به چارو ڏي نٿي
من پوي ”زخمي“ ملي منزل نئي
گڏ هلڻ جو ڪو اشارو ڏي نٿو
عاجز ضمير ۔۔۔۔۔۔۔!!!!!!
ٻڌايو ڪي مٺيون ٻوليون
هلي در پيار جا کوليون
اجايو عام رستن تي
پيا ٿا روح کي روليون
اڃا منزل ملي ناهي
اڃا منزل پيا ڳوليون
لڪائي ٿو خدا جيڪي
اجايو راز ڇو کوليون
مرن بي ڏوه ٿا ماڻهون
هلن ٿيون عام هت گوليون
اڏامي ويا پکي پيارا
نه ٿيون ٻڌجن مٺيون ٻوليون
وري آڻيون ڪٿا جوڌا
نظر آيون ٽٽل ٽوليون
اکين مان نير هليا پئي
هيون ڄڻ سمنڊ جون ڇوليون
اڪيلي سر آهن مارو
خدا تن جون ڀري جهوليون
وئي نفرت وڌي ”زخمي“
خوشين جون ٿيون ختم هوليون
ضمير احمد ۔۔۔۔۔۔۔!!!!!!
غزل
زندگي کي ڪو جيارو ڏي نٿو
دل چري کي ڪو سهارو ڏي نٿو
ديپ سارا پيار وارا ڪو کڻي
چاندني وارو نظارو ڏي نٿو
آب اکڙين ۾ لڪايان مان ڪيئين
پل خوشي جو ڪو اڌارو ڏي نٿو
ٿي نئي برسات ڪا ئي پيار جي
پيار دل سان ڪو به پيارو ڏي نٿو
بک وگهي مارو مرن ٿا ٿر ۾ پيا
آسرو تن کي ڀلارو ڏي نٿو
پيو ڌڪاري هي جهاں سارو اڃا
سمنڊ سورن جو ڪنارو ڏي نٿو
منتظر آ ديد تنهنجي جو پرين
تو ملڻ جو ڪو به چارو ڏي نٿي
من پوي ”زخمي“ ملي منزل نئي
گڏ هلڻ جو ڪو اشارو ڏي نٿو
عاجز ضمير ۔۔۔۔۔۔۔!!!!!!
Comments
Post a Comment