غزل
مون ٻڌو آهي ڀلايو آ پرين
درد منهنجو اڄ سوايو آ پرين
هي زمانو ڀي ستائي ٿو اڃا
درد تنهنجي پڻ ستايو آ پرين
ٿي پيس بي حال توکان ٿي پري
درد دردن سان ملايو آ پرين
هوش منهنجو ٿي خطا آهي ويو
هوش منهنجو تو وڃايو آ پرين
ضمير احمد ۔۔۔۔۔۔۔۔!!!!!!!
🌹🌹🌹غزل🌹🌹🌹
اچ ته گڏجي ٿا ڏياري ملهايون
گيت محبت جا وري پاڻ ڳايون
محبتن جي راند آهي ڏياري
نفرتن جو عڪس دل تان مٽايون
روشني ئي روشني هر طرف ٿئي
گهر گهٽي ۽ شهر سارو سجايون
آ هلي منهنجي اڱڻ تون پرين پو
ديپ سارا اڄ ملي ٿا جلايون
زندگي ٿر ٿي لڳي آ هلي تون
پيار جي برسات گڏجي وسايون
انتظاري آ اڃا دل (۾) ”زخمي“
تو سوا ارمان ڪهڙا جڳايون۔
ضمير احمد
مون ٻڌو آهي ڀلايو آ پرين
درد منهنجو اڄ سوايو آ پرين
هي زمانو ڀي ستائي ٿو اڃا
درد تنهنجي پڻ ستايو آ پرين
ٿي پيس بي حال توکان ٿي پري
درد دردن سان ملايو آ پرين
هوش منهنجو ٿي خطا آهي ويو
هوش منهنجو تو وڃايو آ پرين
ضمير احمد ۔۔۔۔۔۔۔۔!!!!!!!
🌹🌹🌹غزل🌹🌹🌹
اچ ته گڏجي ٿا ڏياري ملهايون
گيت محبت جا وري پاڻ ڳايون
محبتن جي راند آهي ڏياري
نفرتن جو عڪس دل تان مٽايون
روشني ئي روشني هر طرف ٿئي
گهر گهٽي ۽ شهر سارو سجايون
آ هلي منهنجي اڱڻ تون پرين پو
ديپ سارا اڄ ملي ٿا جلايون
زندگي ٿر ٿي لڳي آ هلي تون
پيار جي برسات گڏجي وسايون
انتظاري آ اڃا دل (۾) ”زخمي“
تو سوا ارمان ڪهڙا جڳايون۔
ضمير احمد
Comments
Post a Comment