🌹💓غزل🌹💓
گلن جهڙو کلڻ تنهنجو
قيامت آ هلڻ تنهنجو
گگن تي ڏس نچن تارا
خيالن ۾ اچڻ تنهنجو
ڏسان ٿو مان پرين رستا
جٿان آهي وڃڻ تنهنجو
ڪري گهايل وڌو مون کي
وري ٿي ڪو ملڻ تنهنجو
مري ويندس چوي ”زخمي“
شفا منهنجي تڪڻ تنهنجو
”ضمير احمد“
سائين سڪندر علي ڪلوڙ جي مليل طرح تي هڪ ٻيو ۽ نڪور غزل جيڪو مان پنهنجي دوست الياس احمد گهوٽو جي نالي ڪيان ٿو۔
❣💓طرحي غزل❣💓
صاحب طرح: استاد سڪندر علي ڪلوڙ
طرح: هجر ۾ آهي گذاري زندگي
تو ڏني آ جا اڌاري زندگي
اڄ لڳي ٿي سا پياري زندگي
ساھ منهنجو ساڻ تو آهي پرين
تو بنا آ ڄڻ تہ ڪاري زندگي
مان اڌورو آن سوا تنهنجي مٺا
”هجر ۾ آهي گذاري زندگي“
مون اڃان منزل بہ ماڻي ڪونہ آ
آ اڃا جاري سواري زندگي
جنَّتُن جهڙي گهڙي زخمي جي لئه
جا گهڙي تو ساڻ گهاري زندگي
”ضمير احمد“
گلن جهڙو کلڻ تنهنجو
قيامت آ هلڻ تنهنجو
گگن تي ڏس نچن تارا
خيالن ۾ اچڻ تنهنجو
ڏسان ٿو مان پرين رستا
جٿان آهي وڃڻ تنهنجو
ڪري گهايل وڌو مون کي
وري ٿي ڪو ملڻ تنهنجو
مري ويندس چوي ”زخمي“
شفا منهنجي تڪڻ تنهنجو
”ضمير احمد“
سائين سڪندر علي ڪلوڙ جي مليل طرح تي هڪ ٻيو ۽ نڪور غزل جيڪو مان پنهنجي دوست الياس احمد گهوٽو جي نالي ڪيان ٿو۔
❣💓طرحي غزل❣💓
صاحب طرح: استاد سڪندر علي ڪلوڙ
طرح: هجر ۾ آهي گذاري زندگي
تو ڏني آ جا اڌاري زندگي
اڄ لڳي ٿي سا پياري زندگي
ساھ منهنجو ساڻ تو آهي پرين
تو بنا آ ڄڻ تہ ڪاري زندگي
مان اڌورو آن سوا تنهنجي مٺا
”هجر ۾ آهي گذاري زندگي“
مون اڃان منزل بہ ماڻي ڪونہ آ
آ اڃا جاري سواري زندگي
جنَّتُن جهڙي گهڙي زخمي جي لئه
جا گهڙي تو ساڻ گهاري زندگي
”ضمير احمد“
Comments
Post a Comment