🌹🌹🌹غزل🌹🌹🌹

ٿي  اڪيلو  هو  پڇائون  ٿو  ڪري
۽  وڃي   محفل  گلائون  ٿو  ڪري

هو  ملي ٿو  روز  غيرن سان  وڃي
ڏِسُ پرين اهڙيون جفائون ٿو ڪري

ڏک  اهو  آ   بس  بدلجي  هو   ويو
من  اڪيلو  ٿي  صدائون  ٿو ڪري

اڄ   فقط  ڏيکاءُ   آهي   هت  بچيو
ڪير ڪنهن  سان وفائون  ٿو ڪري

پيار  ”زخمي“  کي  ڏئي  ٿورو  وري
ڇو ڀلا  سڀ ڪو دغائون ٿو  ڪري۔

ضمير احمد ۔۔۔۔۔۔۔!!!!!!!!


منهنجو طرحي غزل دوستن جي نانءُ
❣💓طرحي غزل❣💓
صاحب طرح: استاد سڪندر علي ڪلوڙ
طرح: دل دکي کي درد جو درمان ڏي

دل  دکي  کي   درد  جو  درمان  ڏي
دل  چري  کي  ديد   جو  فرمان ڏي

ڇو   ڀلايو   تون   اسان  کي  آ   مٺا
عشق  ۾  ايڏو   نه  تون   ارمان  ڏي

دل چوي تنهنجو هجي مونسان سفر
قرب  ڪر  ڪو   آسرو  امڪان  ڏي

ٿي  اڪيلو  مان   پيس  ڏاڍو   ٽٽي
دلربا  ڪو  دم  گهڙي   جو  دان ڏي

سور    آهن    جاڳيا    زخمي     چوي
زخم  ٿو ”زخمي“ کي  هر  انسان ڏي
”عاجز ضمير“

Comments

Popular posts from this blog