غزل
اکيون ٿي اکين سان ملائي چري آ
پري کان پئي مسڪرائي چري آ
ڏسي لوڪ سارو سڙي ٿو اسان تي
پئي لوڪ سارو جلائي چري آ
اڳي هوش منهنجو ويو ٿي خطا آ
وري هوش ٿي ڏس اڏائي چري آ
وڻي سادگي ۾ پئي هوءَ ڏاڍي
وري پاڻ کي ٿي سجائي چري آ
اچي ٿي جڏهن هو وڃن ٿا لهي ڏک
وڃي زندگي ٿي وڌائي چري آ
سمائي ڇڏيو روح ۾ هن آ ”زخمي“
وئي ڀر ۾ ويهي ٻڌائي چري آ۔
ضمير احمد
غزل
حادثو هو دل مٿان گذري ويو
بيوفا دل مان آهي نڪري ويو
اڄ اڪيلا هون ويا رهجي اسان
پيار جو پنڇي هتان اڏري ويو
ڌار ٿي آهي جڏهن کان هو ويو
ڄڻ ته جيون هي سڄو اجڙي ويو
ڌار توکان ٿي مليو جيڪو پرين
پل خوشي جو درد سان نبري ويو
عام ”زخمي“ ٿي دغابازي وئي
آ وفا جو هت سبق وسري ويو۔
ضمير احمد
اکيون ٿي اکين سان ملائي چري آ
پري کان پئي مسڪرائي چري آ
ڏسي لوڪ سارو سڙي ٿو اسان تي
پئي لوڪ سارو جلائي چري آ
اڳي هوش منهنجو ويو ٿي خطا آ
وري هوش ٿي ڏس اڏائي چري آ
وڻي سادگي ۾ پئي هوءَ ڏاڍي
وري پاڻ کي ٿي سجائي چري آ
اچي ٿي جڏهن هو وڃن ٿا لهي ڏک
وڃي زندگي ٿي وڌائي چري آ
سمائي ڇڏيو روح ۾ هن آ ”زخمي“
وئي ڀر ۾ ويهي ٻڌائي چري آ۔
ضمير احمد
غزل
حادثو هو دل مٿان گذري ويو
بيوفا دل مان آهي نڪري ويو
اڄ اڪيلا هون ويا رهجي اسان
پيار جو پنڇي هتان اڏري ويو
ڌار ٿي آهي جڏهن کان هو ويو
ڄڻ ته جيون هي سڄو اجڙي ويو
ڌار توکان ٿي مليو جيڪو پرين
پل خوشي جو درد سان نبري ويو
عام ”زخمي“ ٿي دغابازي وئي
آ وفا جو هت سبق وسري ويو۔
ضمير احمد
Comments
Post a Comment