غزل

زندگي  ۾   يار   ٻيهر  جي  ملون  ها  تون  ۽  مان
هڪ ٻئي کان پو جدا هرگز نه ٿيون ها تون ۽ مان

وقت   آخر    ڇو    ڏنو   ايڏو    وڇوڙو    جيئري
ڪاش ٿورو وقت گڏجي جي هلون ها تون ۽ مان

خواب  جيڪي  مون ڏٺا  رهجي  اڌورا  سي  ويا
ننڊ  ۾  ئي عمر  ساري  بس  هجون ها  تون ۽ مان

موت کان  مهلت وٺي پيارا  خوشين  جي ديس ۾
روشني ۽ چنڊ جيان بس گڏ  رهون  ها تون ۽ مان

ساٿ ”زخمي“  سان نڀائين  ها پرين  جي هر قدم
ديس دردن جو هميشه لئہ  ڇڏيون ها تون ۽ مان

ضمير احمد

Comments

Popular posts from this blog