غزل
اسان جي ته تو ساڻ ديوانگي آ
تڏهن نانء تنهنجي ڪئي زندگي آ
اجايو سجائين پيو پاڻ کي تون
ڀلي يار سينگار کان سادگي آ
ويو پڪَّ تنهنجو گزر ٿي هتان آ
گلن ۾ آئي اڄ نظر تازگي آ
اچي پاڻ مون کي چوي يار کلندي
ختم هاڻِ توسان به ناراضگي آ
وڃي ذات انسان سان ڪر ڀلائي
اها بس خدا جي وڏي بندگي آ
ملن روز ٿا لاش ڪپيل گهٽين ۾
وڌي هر طرف بس وئي گندگي آ
لکي ڇڏ غزل تون به ڪو يار زخمي
ڀلي شاعري ۾ نه ڪا پختگي آ
ضمير احمد
اسان جي ته تو ساڻ ديوانگي آ
تڏهن نانء تنهنجي ڪئي زندگي آ
اجايو سجائين پيو پاڻ کي تون
ڀلي يار سينگار کان سادگي آ
ويو پڪَّ تنهنجو گزر ٿي هتان آ
گلن ۾ آئي اڄ نظر تازگي آ
اچي پاڻ مون کي چوي يار کلندي
ختم هاڻِ توسان به ناراضگي آ
وڃي ذات انسان سان ڪر ڀلائي
اها بس خدا جي وڏي بندگي آ
ملن روز ٿا لاش ڪپيل گهٽين ۾
وڌي هر طرف بس وئي گندگي آ
لکي ڇڏ غزل تون به ڪو يار زخمي
ڀلي شاعري ۾ نه ڪا پختگي آ
ضمير احمد
Comments
Post a Comment