غزل
پرين جي شهر جون اچن ٿيون هوائون
وري ياد آيون پرين جون جفائون
ڪئي جان پنهنجي اسان هُن تان صدقي
وساري ڇڏيون هُن اسان جون وفائون
اڪيلي گذاري ڇڏي عمر ساري
اوهان لئه هيون منتظر هي نگاهون
ڏکن ساڻ منهنجي وئي ٿي آ ياري
وڻين ڪين مونکي خوشين جون سدائون
سڪي سنڌ ساري پئي چو طرف ٿي
ملي غير سان تون ڪرين پيو دغائون
وسائي وري شل خدا ٿر تي بارش
گهري روز روئي ٿو ”زخمي“ دعائون
ضمير احمد
پرين جي شهر جون اچن ٿيون هوائون
وري ياد آيون پرين جون جفائون
ڪئي جان پنهنجي اسان هُن تان صدقي
وساري ڇڏيون هُن اسان جون وفائون
اڪيلي گذاري ڇڏي عمر ساري
اوهان لئه هيون منتظر هي نگاهون
ڏکن ساڻ منهنجي وئي ٿي آ ياري
وڻين ڪين مونکي خوشين جون سدائون
سڪي سنڌ ساري پئي چو طرف ٿي
ملي غير سان تون ڪرين پيو دغائون
وسائي وري شل خدا ٿر تي بارش
گهري روز روئي ٿو ”زخمي“ دعائون
ضمير احمد
Comments
Post a Comment