غزل
پاڻ پنهنجون جن مٽايون حالتون
اڄ به دنيا ٿي پڙهي سي صورتون
تون به آدم مان به آدم خاڪ هون
ڇو ڪيو ٿا پو اسان کان نفرتون
عشق توسان آ جڏهن کان يار ٿيو
ٿي ويون ٻارن جيان هن عادتون
هو ملڻ مونسان هلي ايندو وري
ٿي دفن دل ۾ ويون سڀ حسرتون
حال هيڻا سور ٻيڻا ٿي ويا
پڙهِيون دردن اسان تي آيتون
ڪر ختم زخمي انا کي دل منجهان
عارضي هِن زندگي جون شهرتون
ضمير احمد
پاڻ پنهنجون جن مٽايون حالتون
اڄ به دنيا ٿي پڙهي سي صورتون
تون به آدم مان به آدم خاڪ هون
ڇو ڪيو ٿا پو اسان کان نفرتون
عشق توسان آ جڏهن کان يار ٿيو
ٿي ويون ٻارن جيان هن عادتون
هو ملڻ مونسان هلي ايندو وري
ٿي دفن دل ۾ ويون سڀ حسرتون
حال هيڻا سور ٻيڻا ٿي ويا
پڙهِيون دردن اسان تي آيتون
ڪر ختم زخمي انا کي دل منجهان
عارضي هِن زندگي جون شهرتون
ضمير احمد
Comments
Post a Comment