غزل خوشي گڏجي ملهايون ها اگر موٽي اچين ها تون رقيبن کي جلايون ها اگر موٽي اچين ها تون سمورو سال ويو گذري تڪيندي راه هي تنهنجي اسان رستا سجايون ها اگر موٽي اچين ها تون قسم تنهنجا پرين مون کان اڃا تائين نه وسريا هن وچن سارا نڀايون ها اگر موٽي اچين ها تون اڃا هي نيڻ منهنجا منتظر آهن پرين تنهنجا اکين جي اڃ مٽايون ها اگر موٽي اچين ها تون محبّت جو سجائي باغ نفرت کي مٽائيون ها نه ”زخمي“ پو سڏايون ها اگر موٽي اچين ها تون ضمير احمد
Posts
Showing posts from May, 2019
- Get link
- X
- Other Apps
غزل پرين جي شهر جون اچن ٿيون هوائون وري ياد آيون پرين جون جفائون ڪئي جان پنهنجي اسان هُن تان صدقي وساري ڇڏيون هُن اسان جون وفائون اڪيلي گذاري ڇڏي عمر ساري اوهان لئه هيون منتظر هي نگاهون ڏکن ساڻ منهنجي وئي ٿي آ ياري وڻين ڪين مونکي خوشين جون سدائون سڪي سنڌ ساري پئي چو طرف ٿي ملي غير سان تون ڪرين پيو دغائون وسائي وري شل خدا ٿر تي بارش گهري روز روئي ٿو ”زخمي“ دعائون ضمير احمد