Posts

Showing posts from December, 2018
💓❣💓غزل💓❣💓 اسان   تو    کي   ڀلايو   آ وهم    توکي    اجايو     آ صداقت  ڪا   نه  آ  ان  ۾ اجايو   ڪنهن    هلايو   آ وٺون سڀ کان پني چاهت وري    قسمت    ملايو    آ اسان تنهنجي پرين خاطر صحن  دل  جو   سجايو  آ سهي  صدمان   زماني  جا جگر   ”زخمي“   جلايو   آ ”ضمير احمد“ 🌹💓🌹غزل🌹💓🌹 ڪيو    اوهان    ڀلي   نفرت اسان  کي   آ   وري   محبت اسان  جو  ڪم  پرين  اهڙو ملي  سڀ  کي  مٺي  راحت پرين    اهڙا    ڏنا    صدمان اسان  جي  ڏس مٺا  قسمت عداوت    آ   ستم    تنهنجو اسان  ڄاڻيون  سڌي چاهت ”سڪندر“ سان ملي”زخمي“ ڪئي  حاصل  ڀلي...
🌹💓🌹غزل🌹💓🌹 اجايو    تون    ڀلائين   ٿو نہ دل دل سان  ملائين ٿو ڪري بيوس اسان کي تون پرين   پردو    هٽائين   ٿو عقل   آهي   ختم   منهنجو وري    پاڳل    بڻائين    ٿو اشارن  سان  ڪري  چاهت زخم   منهنجا  جڳائين  ٿو سوين صدمن ڪيو"زخمي" اڃا   ڪاٿو    وڌائين    ٿو ”ضمير احمد“ ❣💓غزل💓❣ پرين  جو  هر  ستم  اهڙو دلي   دل   ۾   زخم  اهڙو چيائين  سڀ  ڀلائي  ڇڏ ڏيئي  پنهنجو  قسم اهڙو وسارڻ  ڪيئن  آ  ممڪن نه هو  منهنجو صنم اهڙو ڀلا  ڇا  ائينء  ممڪن  آ؟ وري  وٺجي   جنم   اهڙو ويو مونکي ڪري ”زخمي“ لڳو  دل  سان  زخم  اهڙو ”ضمير احمد“
🌹🌹🌹غزل🌹🌹🌹 ڇو نہ ٿو سمجهين تہ تنهنجي پيار جي قابل نہ هون چاه   توسان   آ   مگر   اقرار   جي   قابل   نہ   هون درد  جي   ڪا   ٻي   دوا   ناهي   زخم   اهڙو  مليو ڏي  پرين  ديدار   تون   انڪار  جي  قابل  نہ  هون ساه   تو    ۾    آ   سمايل   هي   جدائي    آ    ڏکي زندگي  ٿئي  ٿي  ختم   سنڀار  جي  قابل  نہ  هون زندگي   هي   هجر   ۾   گذري   پئي  منهنجي  مٺا ڪو نہ ڪنهن سان ملون سنسار جي قابل نہ هون ڪو نہ آ راحت  سوا  تنهنجي   پرين ”زخمي“ ڏٺي ڇا  سنواريون پاڻ  کي  سينگار جي  قابل نہ هون ”ضمير احمد“ 🌹🌺🌹غزل🌹🌺🌹 چوي سڀ ڪو  سدا ٿيندو وفا...
🌹💓غزل🌹💓 گلن  جهڙو   کلڻ   تنهنجو قيامت   آ   هلڻ    تنهنجو گگن  تي  ڏس  نچن  تارا خيالن   ۾   اچڻ   تنهنجو ڏسان ٿو مان  پرين  رستا جٿان  آهي  وڃڻ  تنهنجو ڪري گهايل وڌو مون کي وري ٿي ڪو ملڻ  تنهنجو مري ويندس چوي ”زخمي“ شفا منهنجي تڪڻ تنهنجو ”ضمير احمد“ سائين سڪندر علي ڪلوڙ جي مليل طرح تي هڪ ٻيو ۽ نڪور غزل جيڪو مان پنهنجي دوست الياس احمد گهوٽو جي نالي ڪيان ٿو۔ ❣💓طرحي غزل❣💓 صاحب طرح: استاد سڪندر علي ڪلوڙ طرح: هجر ۾ آهي گذاري زندگي تو   ڏني   آ   جا   اڌاري   زندگي اڄ  لڳي   ٿي  سا  پياري  زندگي ساھ منهنجو  ساڻ تو آهي پرين تو  بنا  آ  ڄڻ  تہ  ڪاري  زندگي مان  اڌورو  آن سوا  تنهنجي مٺا ”هجر   ۾   آهي  گذاري   زندگي“ مون اڃان منزل بہ ماڻي ڪونہ آ آ  ...
🌹🌹🌹غزل🌹🌹🌹 ٿي  اڪيلو  هو  پڇائون  ٿو  ڪري ۽  وڃي   محفل  گلائون  ٿو  ڪري هو  ملي ٿو  روز  غيرن سان  وڃي ڏِسُ پرين اهڙيون جفائون ٿو ڪري ڏک  اهو  آ   بس  بدلجي  هو   ويو من  اڪيلو  ٿي  صدائون  ٿو ڪري اڄ   فقط  ڏيکاءُ   آهي   هت  بچيو ڪير ڪنهن  سان وفائون  ٿو ڪري پيار  ”زخمي“  کي  ڏئي  ٿورو  وري ڇو ڀلا  سڀ ڪو دغائون ٿو  ڪري۔ ضمير احمد ۔۔۔۔۔۔۔!!!!!!!! منهنجو طرحي غزل دوستن جي نانءُ ❣💓طرحي غزل❣💓 صاحب طرح: استاد سڪندر علي ڪلوڙ طرح: دل دکي کي درد جو درمان ڏي دل  دکي  کي   درد  جو  درمان  ڏي دل  چري  کي  ديد   جو  فرمان ڏي ڇو   ڀلايو   تون   اسان  کي  آ   مٺا عشق  ۾  ايڏو   نه  تون   ارمان  ...
غزل مون   ٻڌو   آهي   ڀلايو  آ  پرين درد  منهنجو  اڄ  سوايو آ  پرين هي  زمانو  ڀي   ستائي  ٿو  اڃا درد  تنهنجي  پڻ  ستايو  آ پرين ٿي پيس بي حال توکان ٿي پري درد  دردن   سان   ملايو  آ  پرين هوش منهنجو ٿي خطا آهي ويو هوش منهنجو  تو وڃايو  آ پرين ضمير احمد ۔۔۔۔۔۔۔۔!!!!!!! 🌹🌹🌹غزل🌹🌹🌹 اچ  ته  گڏجي  ٿا  ڏياري  ملهايون گيت  محبت  جا  وري پاڻ  ڳايون محبتن   جي   راند   آهي   ڏياري نفرتن جو عڪس دل تان مٽايون روشني ئي  روشني هر  طرف ٿئي گهر گهٽي  ۽ شهر  سارو سجايون آ هلي  منهنجي اڱڻ  تون پرين پو ديپ   سارا  اڄ  ملي  ٿا  جلايون زندگي  ٿر   ٿي  لڳي  آ  هلي  تون پيار جي  برسات  گڏجي  وسايون انتظاري  آ  اڃا...
طرحي غزل اڄ لڳي  ٿي  ڄڻ  ته  ڌاري  زندگي مون   ڏٺي   بي   اعتباري   زندگي پاڻ ايندين تون پرين مونسان ملڻ وهم   انهي   ساڻ   گهاري   زندگي ناز  نخرا  مون  کڻي  هن  جا وري ”هجر   ۾   آهي    گذاري   زندگي“ هر  ستم   تنهنجو   بقا   آهي  لڳو اڄ لڳين ٿي  تون ڏوهاري  زندگي ٿي جدا آهي  ويو مون  کان پرين يار  منهنجي  ٿي   ڏکاري  زندگي ٿي جدا ”زخمي“ وئي  توکان پري جا ڏٺي  مون  سا  بهاري  زندگي۔ ضمير احمد ۔۔۔۔۔۔۔۔!!!!!! غزل عمر   گذري   جا   عذابن   ۾ لکي  ڇڏجو   سا   ثوابن   ۾ ڌڪاريو هو تو جڏهن در تان اڃا  آن   گم   تن   خيالن  ۾ ڪري  هردم  ياد  توکي  مان ڏ...
غزل اک اک  سان  ملائي ته ڏس وک وک سان گڏائي ته ڏس ڪيڏو  آ   پرين   پيار   هت بس تون مسڪرائي ته ڏس محبت  سنڌ  سان  آ  سچي تون  بس   آزمائي  ته  ڏس آ   موجود    دل    ۾    خدا جهاتي  دل ۾ پائي  ته ڏس ٿي  سڀ  درد  ويندا  ختم ”زخمي“ سان نڀائي ته ڏس ضمير احمد ۔۔۔۔۔۔۔!!!!!!! غزل پيار  کي  دل  ۾  پلڻ   وسري  ويو ياد  تنهنجي  کي  اڏڻ  وسري  ويو تون  متان  موٽي  اچين   او  پرين آسرو  دل   کي   ڏيڻ  وسري   ويو هن   جدائي  آ   ڇڏيو  ماري   صفا آ  سوا  تنهجي  رهڻ   وسري   ويو هجر   واري   رات   آ   ڏاڍي   ڏکي موت کان مون ڏي اچڻ وسري ويو زندگي  کي  ...
غزل ٻڌايو  ڪي   مٺيون   ٻوليون هلي  در   پيار   جا    کوليون اجايو      عام     رستن     تي پيا    ٿا    روح    کي   روليون اڃا     منزل      ملي       ناهي اڃا     منزل      پيا     ڳوليون لڪائي     ٿو    خدا    جيڪي اجايو     راز     ڇو     کوليون مرن    بي    ڏوه    ٿا   ماڻهون هلن   ٿيون  عام  هت  گوليون اڏامي      ويا      پکي    پيارا نه ٿيون ٻڌجن  مٺيون ٻوليون وري    آڻيون     ڪٿا     جوڌا نظر     آيون     ٽٽل    ٽوليون اکين    مان    ...
غزل سادگي تهنجي  مٿان هي  جان  واري مان ڇڏيان پيار  جا  پنڇي  سڄا  توڏي   اڏاري  مان ڇڏيان نيڻ  نيڻن   سان  ملائي   مرڪ  جيڪا   تو  ڏني پيار جي پهرين نشاني ڪيئن وساري مان ڇڏيان روح  کي  راحت  ملي  ٿي  ياد  توکي  ٿو  ڪيان زندگي  هي  ياد  تنهنجي  ۾  گذاري  مان  ڇڏيان جي اچين منهنجي اڱڻ مهڪي پوي جيون سڄو گهر گهٽي ۽ ڳوٺ سارو هي  سنواري مان ڇڏيان گيت  تنهنجي  نانء  جا زخمي لکان ٿو  مان پيو ديپ  تنهنجي نانء  جا ٿو  يار ٻاري  مان ڇڏيان۔ ضمير احمد ۔۔۔۔۔۔۔!!!!!!! طرحي غزل صاحب طرح: سائين سڪندر علي ڪلوڙ صاحب طرح  :   ”هلي آ اسان وٽ وفائن جا والي“ پرين ڏس ته موسم آ ڪيڏي  جهڙالي خوشي آ  اسان جي  ته  ساري خيالي کلون   ٿا    ملون    ٿا    اڌورا   اڌورا اڃا    زند...