غزل موت توکي ڪنهن نه ماريو او ڪنا هانء هر ڪنهن جو تو ڏاريو او ڪنا تو اجاڙي هن ڇڏيون جهوليون گهڻيون رحم توکي ڪو نه آيو او ڪنا لاش پنهنجي لال جو سامهون ڏسي ماءُ دانهُن ۾ پڪاريو او ڪنا ڌار پيارن کان ڪري پيارا وئين ڪو نه ڪنهن کي تون آن پيارو او ڪنا روح جو ڪيڏو جسم سان پيار آ روح کي ڀي تو رُئاريو او ڪنا ٿيو وڃڻ تنهنجو جٿي ڀي آ تڏهن گهر اٿي سارو اجاڙيو او ڪنا هر دفعي ”زخمي“ آ قرباني ڏئي زندگي...
Posts
Showing posts from April, 2019
- Get link
- X
- Other Apps
طرحي غزل ڀلي آزمائي پرين ڏس وٺڻ ۾ ختم پيار ٿيندو نه آهي ڏيڻ ۾ لڳي بار هي ڄڻ ته مونکي حياتي مزو ڪين آيو سوا تو رهڻ ۾ نچڻ چنڊ آهي لڳو اڄ خوشي مان ”مزو ئي مزو آ اوهان جي ملڻ ۾“ خوشي جي خوشي يار ڪهڙي ڪيان مان لڪل درد آهن خوشي جي کلڻ ۾ چؤن ڀي ته آخر چؤن يار ڪنهن کي چري دل به ناهي رهي اڄ چوڻ ۾ دلاسا اسان کي پرين ڏي نه...
- Get link
- X
- Other Apps
غزل اسان جي ته تو ساڻ ديوانگي آ تڏهن نانء تنهنجي ڪئي زندگي آ اجايو سجائين پيو پاڻ کي تون ڀلي يار سينگار کان سادگي آ ويو پڪَّ تنهنجو گزر ٿي هتان آ گلن ۾ آئي اڄ نظر تازگي آ اچي پاڻ مون کي چوي يار کلندي ختم هاڻِ توسان به ناراضگي آ وڃي ذات انسان سان ڪر ڀلائي اها بس خدا جي وڏي بندگي آ ملن روز ٿا لاش ڪپيل گهٽين ۾ وڌي هر طرف بس وئي گندگي آ لکي ڇڏ غزل تون به ڪو يار زخمي ڀلي شاعري ۾ نه ڪا پختگي آ ضمير احمد
- Get link
- X
- Other Apps
غزل کسی کا بھی دل نہ دکھا کہ خدا دیکھ رہا ہے کچھ نہیں ہے اسی سے چھپا کہ خدا دیکھ رہا ہے کھالی ھاتھ آیا تھا کھالی ھاتھ جاٸیگا تو خود کو اتنا معتبر نہ بنا کہ خدا دیکھ رہا ہے حوا کی بیٹی بنی ہے آج تیرے لیے کھلونا اپنے ہی خون کو کھلونا نہ بنا کہ خدا دیکھ رہا ہے جب کچھ نہ تھا تو مفلسی جب سب ملا تو ظلمت آدم کے بیٹے آدم ذات کو نہ ستا کہ خدا دیکھ رہا ہے زندگی گزار مت زندگی میں سیکھ لے تھوڑا جینا بھلاٸی کر تیرا بھی ھوگا بھلا کہ خدا دیکھ رہا ہے نفرت کی زنجیریں توڑ کہ محبت ہے تیری فطرت نفرت کی آگ میں خود نہ جلا کہ خدا دیکھ رہا ہے اشرف المخلوقات خدا نے کیا ہے تیرا رتبہ بلند رتبہ دیکھ...
- Get link
- X
- Other Apps
غزل پل پل جنهن کي مون هو ساريو ساه کان به وڌ سو هو پيارو غيرن تي ڏيان ڏوه ڪهڙو مون کي آهي پنهنجن ماريو جيئري قدر ڪو نه ڪيو وي لڙڪ مرڻ کان پو ٿا هاريو ڀتر جيان بس ڀري وياسين الظامِ دغا اندر ڳاريو يقين ڪنهن تي ڪرڻو ناهي دشمن لڳي ٿو ديس سارو ائين ملڪ هلائڻ کان ڀلو حڪمران سڀ ٻڪريون چاريو چون ٿا مون کي ...
- Get link
- X
- Other Apps
غزل زندگي ۾ يار ٻيهر جي ملون ها تون ۽ مان هڪ ٻئي کان پو جدا هرگز نه ٿيون ها تون ۽ مان وقت آخر ڇو ڏنو ايڏو وڇوڙو جيئري ڪاش ٿورو وقت گڏجي جي هلون ها تون ۽ مان خواب جيڪي مون ڏٺا رهجي اڌورا سي ويا ننڊ ۾ ئي عمر ساري بس هجون ها تون ۽ مان موت کان مهلت وٺي پيارا خوشين جي ديس ۾ روشني ۽ چنڊ جيان بس گڏ رهون ها تون ۽ مان ساٿ ”زخمي“ سان نڀائين ها پرين جي هر قدم ديس دردن جو هميشه لئہ ڇڏيون ها تون ۽ مان ضمير احمد
- Get link
- X
- Other Apps
غزل موت توکي ڪنهن نه ماريو او ڪنا هانء هر ڪنهن جو تو ڏاريو او ڪنا تو اجاڙي هن ڇڏيون جهوليون گهڻيون رحم توکي ڪو نه آيو او ڪنا لاش پنهنجي لال جو سامهون ڏسي ماءُ دانهُن ۾ پڪاريو او ڪنا ڌار پيارن کان ڪري پيارا وئين ڪو نه ڪنهن کي تون آن پيارو او ڪنا روح جو ڪيڏو جسم سان پيار آ روح کي ڀي تو رُئاريو او ڪنا ٿيو وڃڻ تنهنجو جٿي ڀي آ تڏهن گهر اٿي سارو اجاڙيو او ڪنا هر دفعي ”زخمي“ آ قرباني ڏئي زندگي...